ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي ڪلھوڙا ڪالوني ۾گوليون ھڻي قتل ڪيل نوجوان ارشد ڪلھوڙو واري واقعي  جو ڪيس مقتول نوجوان جي ڀاءُ اڪرم ڪلھوڙو جي فرياد تي 3 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ گلزار ڪلھوڙو، ماجد عرف نجاد ڪلھوڙو ۽ هڪ نامعلوم کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي موجب ڄاڻايل جوابدارن ڪجھه ڏينھن اڳ ڀاءُ کان موٽرسائيڪل گھري هئي جيڪا نه ڏيڻ تي هنن ڌمڪيون ڏنيون ھيون، جنهن بعد هنن کيس گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي پوليس ھڪ جوابدار گلزار ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ياد رھي ته ٻه ڏينھن اڳ جوابدارن موٽرسائيڪل ڪرائي تي هلائيندڙ نوجوان ارشد ڪلھوڙو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو،