ميهڙ ۾ مختيارڪار آفيس ٻاهران راشن ۽ ٽينٽ وٺڻ لاء مقرر ڪيل ٽوڪن سينٽر تي رش سبب بدنظمي ٿي، من پسند ماڻھن کي ٽوڪن ڏيڻ جو الزام به سامهون آيو، جنهن سبب ٻوڏ متاثرين لاء آيل راشن ورھائجي نھ سگھيو ، مختيارڪار افيس ۾ ڪائونٽر قائم ڪرڻ باوجود  مختيارڪار آفيس کي تالا لڳل آھن جنھن ڪري وڏي تعداد ۾ آفيس ٻاھران رش ٿي وئي آھي. رش دوران مختيارڪار افيس ۾ پوليس ۽ متاثرن ۾ ڇڪتاڻ پڻ ٿي آھي مختيارڪار آفيس پھتل  متاثرين دانھون ڪندا رھيا ھنن چيو ته من پسند ماڻھن کي ٽوڪن ڏنا وڃن ٿا، رات جو بااثرن کي سامان ڏنو ٿو وڃي متاثرين لاء قائم ڪيل ڪائونٽر کي تالا لڳل آھن پر حقيقي متاثرن کي راشن نہ پيو ملي.