مورو (ن پ ا) مورو ويجھو بااثرن پاران جھٽا ھڻائي 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻوڙائڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالحڪيم، حافظ عبدالمجيد، محمد موسيٰ، عزيز الله ڪاريو، علي خان ڀان ۽ ٻين چيو ته بااثرن جهٽا هڻايا آهن جنهن ڪري سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن ۽ بيٺل ڪمند، وونئڻ، سارين، جوئر، ترن جو فصل ۽ سبزيون ٻڏي ويا آھن، ھنن چيو ته اسان کي ٻوڙائڻ ۾ ھتان جي بااثرن جو ھٿ آھي پاڻي نيڪال ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.