ڇور (ن پ ا) ڇور ۽ ڀرپاسي اٽي جو اگھه نه گھٽيو، چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن سنڌ سرڪار جو حڪم کي ٿڏي ڇڏيو، خبر موجب ڇور ۽ ڀرپاسي دڪاندارن سرڪار جي اعلان تي عمل نه ڪيو، دڪاندار ۽ مل مالڪ 65 رپيا في ڪلو اٽو ڏيڻ بدران 120 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري غريب طبقو سخت پريشان آهن، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪڻڪ مهانگي ملي رهي آهي جنهن ڪري هو سستي اگهه تي اٽو وڪرو نٿا ڪري سگهن، شهرين اصغر مڱڻھار، رانجھن  ڀيل، اياز سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان اٽي جو اگھه 65 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي پر چڪي مالڪ ۽ دڪاندار ھڪ ھٽي قائم ڪري وڌيڪ اگهه تي اٽو وڪرو پيا ڪن، هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جا وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.