ھالا (ن پ ا) ميرپور ماٿيلي مان 4 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان کي ھٿياربند ھالا قومي شاھراهه تي ڇڏي ويا، نوجوان راشد لاشاري ھالا ٿاڻي تي پھچي بيان ڏنو ته چار ڏينھن اڳ ميرپور ماٿيلي مان 4 نامعلوم ھٿياربندن اغوا ڪيو،هن چيو ته جوابدارن مختلف ھنڌن تي رکڻ کانپوءِ اڄ ھالا قومي شاھراھ تي ڇڏي ويا آھن، ھالا پوليس موجب نوجوان 2 ڏينھن پھريان گھران نڪتو ھو، وڌيڪ نوجوان ۽ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.