حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ايم سڪس مٽياري موٽروي ڪرپشن واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائيندڙ اسلم پيرزادو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. نيب عدالتي احاطي ٻاهران جوابدار کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي. عبوري ضمانت ڪرائيندڙ جوابدار اسلم پيرزادو وڪيل معرفت پڪي ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. نيب جي جاچ آفيسر جوابدار خلاف عدالت کي وڌيڪ ثبوت فراهم ڪندي دعويٰ ڪئي ته مٽياري ڊي سي آفيس ۽ روينيو آفيس جي ملازمن به جوابدار بابت کين آگاهي ڏني آهي ته هو سندن آفيسن ۾ پهچي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو هو. جاچ آفيسر عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته ڪيس ۾ گرفتار سعيد آباد جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي ۽ گرفتار معطل ڊي سي عدنان رشيد سان جوابدار جا ويجها لاڳاپا هئا جڏهن ته هن ٻنهي عملدارن کان مليل چيڪ بئنڪ مان ڪيش ڪرائي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آهن. جوابدار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته نيب وٽ ڪو به اهڙو ثبوت نه آهي جنهن سان لڳي ته اسلم پيرزادو ڪرپشن ۾ ملوث آهي. جاچ ڪميٽي شڪ جي آڌار تي سندس نالو ڪيس ۾ نامزد ڪيو هو جنهن بعد هن بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گرفتاري جي خوف کان نيب وٽ نه وڃي سگهيو ان لاءِ عدالت جوابدار جي پڪي ضمانت منظور ڪري ته جيئن هو ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس کي منهن ڏئي سگهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي پڪي ضمانت ڪرڻ بدران سندس عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار وڪيل سان ڪيترائي ڪلاڪ عدالتي احاطي ۾ موجود رهيو جنهن ڪري نيب کيس گرفتار نه ڪري سگهي پر عدالتي وقت ختم ٿيڻ بعد جوابدار جي جيئن ئي عدالتي احاطي مان ٻاهر نڪتو ته نيب ٽيم تحويل ۾ وٺي کيس پاڻ سان گڏ وٺي وئي. جوابدار جي گرفتاري وقت بار ۾ موجود وڪيلن چور چور جا نعرا به هنيا. واضح رهي ته نيب ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ بعد مٽياري جي سياسي شخصيت جي پي ايس اسلم پيرزادو شروعاتي طور ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي ۽ جڏهن ڪيس نيب ڏانهن منتقل ٿيو ته جوابدار احتساب عدالت مان به عبوري ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو پر ٽرائل ڪورٽ پڪي ضمانت ڪرڻ بدران سندس عبوري ضمانت رد ڪئي. مهينو اڳ جوابدار ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪندي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو جتان عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سندس 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد پڪي ضمانت لاءِ 4 ڀيرا هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا هئا ته مڊل مين سزا جا حقدار آهن ۽ جيڪڏهن جوابدار ڪرپشن ڪئي آهي ته هو رقم واپس قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي پر جوابدار وڪيل معرفت ڪوشش ڪئي ته هو پڪي ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ان لاءِ هن رقم جمع نه ڪرائي ۽ نيٺ عدالت سندس عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد هو نيب هٿان گرفتار ٿي ويو آهي.