نوشهروفيروز(رپورٽر) ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٿي، اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، چالان مان اھم جوابدارن جا نالا خارج ٿيڻ جا اطلاع آھن، ان ڏس ۾  ذريعن موجب ٺيڪيدار خالد چنه ۽ مختيارڪار نياز اڄڻ جو نالو ڪيس مان خارج ڪيو ويو آھي، جڏھن ته چالان ۾ ڪجھه وڌيڪ روينيو آفيسرن کي شامل ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز جي سرڪل آفيسر ٻڌايو ته اسڪروٽني بعد خارج ۽ وڌيڪ داخل ڪيل نالا پبلڪ ڪيا ويندا. ياد رھي ته ايم سڪس موٽروي وي   ۾ 3 ارب 61 لک جي ڪرپشن ٿي. ڪيس جو اھم جوابدار ڊي سي تاشفين عالم واپس ملڪ اچي نه سگھيو آھي. ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ تپيدار ٺارو خان به گرفتار نه ٿي سگھيو آھي. اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيس جي اسڪروٽني ڪرڻ بعد جيڪي نالا شامل ڪيا ويا آهن يا خارج ٿيا آهن انهن کي ظاهر ڪيو ويندو.