ميرپور ساڪري ۾ پاڻي جو شديد بحران، آباگارن جو پيادل مارچ

0
229

ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف پيادل مارچ، سوين آبادگارن ٻھارا کان ميرپور ساڪري تائين 10 ڪلو ميٽرن تائين پيادل مارچ جو آغاز ڪيو، آبادگارن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، گذريل ٽن مھينن کان پاڻي ڦڙي لاءِ ترسي رھيا آھيون ۽ ساريالو ٻيجارو سخت متاثر ٿي رھيو آھي، مال متاءُ به اڃ مري رهيو آهي، ھنن چيو آهي ته آبپاشي انتظاميا پاڻي نه ھجڻ باوجود احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آھي، ايريگشن ۽ ڊريـنج جون ٻئي چارجون ھن انجنيئر وٽ آھن، سم نالن جي حالت پڻ خطرناڪ آھي.