شهدادپور ويجهو 7 ورهين جي نينگري حوس جو نشانو بڻجي وئي

0
189

شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ويجهو انسانيت لڄائيندڙ واقعو، 7 ورهين جي نينگري حوس جو نشانو بڻجي وئي، واقعي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، ڳوٺ بهادر ڪلوئي ۾ جوابدار روشن ڀيل 7 ورهين جي نينگري ڪاجل ڌي ويرمو ڀيل کي فصل ۾ وٺي وڃي زيادتي ڪئي، نينگري جي حالت خراب ٿيڻ بعد وارث ٿاڻي تي کڻي آيا، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ميڊيڪل چڪاس ۾ زيادتي جي تصديق ٿي آهي، نينگري جو چاچو پرڪاش جو چوڻ آهي ته ڀائيٽي زمين تان ڀاڄي پٽڻ وئي ته جوابدار 18 ساله روشن ڀيل کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس متاثره نينگري جي چاچي پرڪاش ڀيل جي فرياد تي جوابدار روشن ڀيل خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار پڪڙ ۾ نه اچي سگهيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو پر جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو. واضح رهي ته شھدادپور ۾ هڪ مهيني دوران انسانيت لڄائيندڙ ٻيو واقعو آهي، ان کان اڳ 35 ورهين جي جوابدار نيوو ڪولهي 8 ورهين نينگري ماروي ڀيل کي حوس جو نشانو بڻايو هو.