ميرپور خاص ۾ ڪائونسلر جي قتل بعد ڇڪتاڻ، وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو

0
296

ميرپورخاص ۾ زمين جي مالڪي تان چونڊيل ڪائونسلر جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جڏهن ته  واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي

پوليس موجب ڪائونسلر غلام حيدر لغاري ۽ سندس ڀاءُ ميرپور خاص جي عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني

گوليون لڳڻ سبب ڪائونسلر غلام حيدر لغاري ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام قادر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

وارثن موجب غلام حيدر ۽ غلام قادر لغاري پيشي تي عدالت وڃي رهيا هئا ته يار محمد لغاري جي ڌر مٿن حملو ڪيو

مقتول جي وارثن موجب مخالفن 15 ڏينهن اڳ به ڌمڪيون ڏنيون هيون، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

پوليس اھلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو

حيدرآباد: قاسم آباد واري علائقي ۾ عورت جو گھر مان لاش ھٿ