ميرپوربٺورو (ن پ ا) برسات متاثرن جي امدادي سامان جي ورھاست تي پ پ پ جيالا ناراض ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ جيالن احتجاجي مظاهرو ڪيو،پ پ اڳواڻن اڳواڻي يوسي چيئرمين اياز ميمڻ، صالح ڦل قاسم مگسي، ڪريم بخش زئور سميت تعلقي ۽ يونين ڪائونسل جي عهديدارن ۽ ورڪرن هتي صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي روينيو کاتي جي عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ميرپوربٺورو تي برسات متاثرن جي امدادي سامان ۾ غير شفافيت ۽ پنھنجا نوازي جا الزام هنيا، اڳواڻن چيو ته انهي موقعي تي ھنن چيو ته  اسان پيپلز پارٽي جا ورڪر ۽ عهديدار آهيون برسات متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان جي ورهاست لاءِ اسان کي ضلعي ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي پر ڊپٽي ڪمشنر سجاول، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور بٺورو ۽ مختيارڪار ميرپور بٺورو من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ڏئي رهيا آهن جڏهن ته اسان پنهنجي پنهنجي يوسين، ٽائون ڪميٽين ۾ برسات متاثرين جون لسٽون لکي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر امدادي سامان نٿا ڏين. پ پ قيادت نوٽيس وٺي.