مسوڀرڳڙي (ن پ ا)مسوڀرڳڙي ڀرسان يوسي ٻارچاڻي جي ڳوٺ طالب مولا ڪالوني ۾ گذريل 8 مھينن کان گيس لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري رھواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، جڏھن ته ٻوڏ جي صورتحال ھئڻ ڪري سمورا ڪچي وارا علائقا ٻڏي ويا آهن ۽ ڪاٺيون اڻلڀ ٿي ويون آهن. رھواسين گوھر علي شاھ علي مردان شاھ ، سيد قاسم علي شاھ ،خادم حسين ملاح،عابد علي ملاح ۽ ممتاز علي سمون ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ طالب مولا ڪالوني ۾ گذريل 8 مھينن کان بي سبب گيس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏھن ڪيترائي ڀيرا سوئي گيس انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو تدارڪ ناھي ٿيو نوٽيس وٺي گيس لوڊشيڊنگ ختم ڪري گيس پريشر ٺيڪ ڪيو وڃي.