ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ايس آر ٽي سي گرائونڊ مان پيرسن جو لاش ھٿ، ميرپورخاص جي ايس آر ٽي سي ڊيپو گرائونڊ مان سيوهڻ واسي پيرسن شاهه محمد بلوچ جو لاش مليو اھڙي اطلاع تي غريب آباد پوليس پھچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاررواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آھي ته شاھ محمد وڏي عرصي کان ميرپورخاص ۾ رھندو ھو ۽ نشو پڻ واپرائيندو هو شديد گرمي سبب سندس موت ٿيو آھي.