ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊو ڄام جي ڄام گهر، ڄام بنگلوز وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، گندو پاڻي گهرن داخل ٿيڻ بعد علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا، ڄام گهر ۽ ڄام بنگلوز جي رهائشين ميونسپل ڪاميٽي خلاف حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي، احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڌرڻي سبب حيدرآباد ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريڪ معطل ٿي وئي، علائقي واسين چيو ته ميونسپل ڪاميٽي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته 15 ڏينهن کان پاڻي بيٺل آهي، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته انتظاميا علائقي واسين کي ڪني پاڻي ۾ ٻڏڻ لا ڇڏي ڏنو آهي، گندگي سبب بيمارين جو خدشو آهي. هنن چيو ته مسئلو حل نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.