حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ريلويز جي اختيارين پاران شهر جي مخصوص حددخلين خلاف ڪارروائي جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب ريلوي لائين سان لڳو لڳ حددخلين خلاف ڪارروائي بدران مختلف هنڌن تي ريلوي ٽريڪ کان پري وارين ڪمرشل جاين کي پنهنجي حد ڄاڻائي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. اهڙين ڪاررواين تحت شهر جا 5 پئٽرول پمپ سيل ڪيا ويا جيڪي ريلوي ٽريڪ کان تمام گهڻو پري هئا. ڊي سي حيدرآباد ريلوي اختيارين جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي کين پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ۽ ريلوي اختيارين کي هدايت ڪئي ته گڏيل سروي ڪرائي اها نشاندهي ڪئي وڃي ته ڪهڙي ملڪيت ڪهڙي کاتي جي آهي. ڊي سي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ريلوي اختيارين اعتراف ڪيو ته سندن کاتي پاران روينيو جي ٽيمن سان گڏجي ڪو به سروي نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته نقشن مطابق جن تنصيبات جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي اهي ريلوي کاتي جون ملڪيتون آهن. ڊي سي حيدرآباد چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ريلوي اختيارين هڪ طرفي ڪارروائي جاري رکي ته اهڙي رپورٽ چيف سيڪريٽري کي ڪئي ويندي.