هالا(ن پ ا) صوبائي وزير تعليم سنڌ ۽ وفاق پاران يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جي امتحانن جي اعلانيل تاريخ بعد هالا ۾ سروري اسلاميه ڊگري بوائز ڪاليج هالا، ڀٽ شاهه ۽ سعيداباد جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن احتجاج ڪيو. شاگردن محمد سفيان چاچڙ، فيضان ميمڻ، افراض ميمڻ،ذيب ڇڇر، عذير يونساڻي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هالا پريس ڪلب هالا آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڪورونا وبا سبب حڪومت پاران آن لائين ڪلاس هلائڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري شاگردن جا آن لائين ڪلاس نه هلي سگهيا آهن، جڏهن ته حڪومت سنڌ پاران 6 جون تي تعليمي ادارا کولڻ ۽ 26 جون تي امتحاني پيپرن جي تاريخ اعلان بعد شاگردن ۾ سخت پريشاني ۽ ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي شاگردن پاران امتحاني پيپرن جي تياريء لاء ٻن مهينن تائين اعلانيل شيڊول تاريخ ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.