ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ سانگهڙ روڊ تي نجي ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت عورت 60 ورھین جی لڇمي ميگھواڙ فیڪٽري ۾ ڦٽيون کڻي ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، سندس لاش کي سول اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻي طرف  پوليس  ٽريڪٽر ٽرالي  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.