ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ حيدرآباد روڊ تي رھائشي فليٽن ۾ نوجوان انيل جي گھر تي ٽائون پوليس ڇاپو هڻي  لاھور واسڻ ناري نتاشا راجپوت کي هٿ ڪري ورتو، پوليس ناري ۽ نوجوان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ فريادي  حماد حميد راجپوت ڄاڻايو آهي ته  ٿامس آباد واري علائقي ۾ ٻارن کي ديني تعليم ڏيندو آهيان، معلوم ٿيو ته زبيده ھائٽس جي ھڪ فليٽ ۾ ھندو نوجوان انيل لوھاڻو سان لاھور واسڻ ناري  نتاشا راجپوت  گڏ رھي ٿي،  ٻن دوستن سان گڏ ان فليٽ تي پھچي دروازو کڙڪايو ته ناري نڪتي جنھن، پنھنجو نالو نتاشا ٻڌايو، ناري ٻڌايو ته کيس انيل ھتي آندو آهي ۽ ھنن شادي ڪئي آهي، مذهبي مامري سبب ڪيس داخل ڪرايو.