ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمٰن قمبراڻي)   ميهڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ ون فائيو سينٽر  ڀرسان اعواڻ ميڊيڪل اسٽور ، شيراز ميڊيڪل اسٽور سميت 4 ميڊيڪل اسٽورن ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لکين رپين جي ڦرن واري واقعن ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون ڦر ٿيڻ خلاف واپاري تنظمين پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي وئي، چئيمبر آف ڪامرس، ڪلاٿ مارڪيٽ، صرافا بازار، جنرل مرچنٽ، ميڊيڪل اسٽور يونين، شوروم مالڪن ۽ ٻين تنظيمن جي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران ريشم گلي ،ڪلاٿ مارڪيٽ ، اناج بازار ، سبزي مارڪيٽ ميڊيڪل اسٽورن ، سونارا بازار ، شاھي بازار ، سميت اڪثر ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا.

اڳواڻن چئمبر آف ڪامرس جي ضلعي اڳواڻ ذوالفقار کوکر ،ميڊيڪل اسٽور يونين جي اڳواڻن شفيق خاصخيلي ، آصف اعواڻ، منظور قمبراڻي، شير محمد آڳرو، جاويد آڳرو عبدالرشيد شيخ ۽ ٻين چيو آھي ته ميھڙ شھر ۾ ڏوه وڌي ويا آھن شهرين، واپارين سميت ڪو به سلامت ناهي رهيو ، ون فائيو سينٽر ڀرسان چئن کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن سميت ڪيترن ئي دڪانن شھرين ۽ ڪاروباري ماڻھن شھرين کان موٽرسائيڪلون ۽ سرعام لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي پر پوليس ڦر وارن واقعن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگھي آھي ۽ نه وري ڦرن جي ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آھي ،

پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي بجاء بدامني ۽ ڦر واقعن خلاف احتجاج ڪندڙ شھرين ، ڪاروباري ماڻھن ، واپارين ، دڪاندارن ، نوجوان شاگردن ۽ نوجوان صحافين شڪيل عطار، عمران تيوڻو تي دهشگردي ائڪٽ تحت ڪيسل داخل ڪري ڇڏيا آھن ، هنن گهر ڪئي آھي ته  ميھڙ ۽ ضلع دادو جي مقرر نااهل آفيسرن کي هٽائي بدامني کي ٻنجو ڏئي ميهڙ ۾ امن ڪرايو وڃي ، ميهڙ ۾ واپارين کان ڦر وارن واقعن جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ داخل ڪيل دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھي احتجاجي تحريڪ ۽ شٽربند ھڙتال جو سلسلو جاري رھندو