ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ پسند پرڻي تان هلندڙ تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ملڪ اڪبر ۽ سندس پٽ ارشاد ۽ ھڪ راھگير سميع الله زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل جوابدارن اميدعلي، شاھنواز ۽ محمد علي رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب 2 سال اڳ نويد رند ۽ ملڪ اڪبر جي نياڻي مبينا اغوا بعد پسند پرڻو ڪيو هو، ناري کي عدالت ۾ بيان بعد کيس وارثن حوالي ڪيو ويو هو، جنهن تان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، گذريل ڏينهن نويد اڪبر گھرن وٽ ٻڪريون چارڻ آيو ته ملڪ اڪبر سميت ٻين ماڻھن ھن کي ڪٽڪو ڏنو، جنهن بعد رند برادري جي پنجن ماڻھن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.