ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ عورتن متاثرن کي سامان نه ملڻ خلاف اي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالرزاق ملاح، منور ڪليري، نور شمع، حسن پري، ماريا لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته برسات متاثرن جا ڪمبل آيل آهن پر اي سي غريبن کي ڏيڻ بدران من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ واري ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ڪمبل ۽ ٻيو سامان متاثرن ۾ ورهايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.