لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي جنرل سيڪريٽري طفيل جکرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ واري قرارداد پاس ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سنڌ اسيمبليءَ آئين ٽوڙيو آهي. هن قرارداد ذريعي ارڙهين آئيني ترميم جو قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي هن قراداد کي واپس وٺي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وسيلا سنڌ اسيمبليء جي وڏيرن جي جاگير نه بلڪه سنڌي عوام جي اجتماعي ملڪيت آهن. سنڌ هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي به هن غير آئيني قرارداد جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ارڙهين آئيني ترميم جي خلاف ورزي ڪري آئين ٽوڙيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ گھرجي.