ميرپورخاص (رپورٽر) کنڊ اسڪينڊل ۾ مني لانڊرنگ ۽ سٽيبازي جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي ھٿان گرفتار جگل ڪشور عدالت ۾ پيش، 7 ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي، ان ڏس ۾ ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ سٽيبازي، مني لانڊرنگ ۽ ٻين قلمن تحت داخل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جگل ڪشور جو 7 ڏينھن وارو پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ايف آءِ اي جوابدار کي فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ايف آءِ اي عملدارن وڌيڪ 10 ڏينھن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي، جتي عدالت استدعا رد ڪندي جگل ڪشور کي 7 ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي 22 اپريل تائين جيل اماڻي ڇڏيو، جنھن کي 23 اپريل تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.