ٺاروشاهه(ن پ ا) هڪ مهينو اڳ هريپور محلا مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پيش، عدالت ۾ ٻه مڙس دعويدار، الڳ الڳ نڪاح ناما پيش. ٺاروشاهه وارڊ نمبر ھڪ هريپور محلا مان هڪ مهينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري حليمه خانزاده مڙس شھباز خانزده سميت ڀريا جي عدالت ۾ پهتي، نوشھروفيروز واسي خليل خانزده پڻ عدالت سڳوري ۾ پيش ٿي ناري حليمان خانزاده جي مڙس هئڻ جي دعوا ڪندي نڪاح نامو پيش ڪيو. جڏھن ته ٻنھي نوجوانن پاران نڪاح ناما عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد عدالت ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري کي 15 ڏينهن ۾ معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ناري کي سيف هائوس سکر منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڇڏيو. ياد رھي ته ھڪ مھينو اڳ ناري حليما خانزادا شھباز خانزادا سان پسند جي شادي لاءِ گھران نڪري وڃڻ بعد ناري جي وارثن پاران ٺاروشاهه ٿاڻي تي ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو ھو.