ماتلي (ن پ ا) ڦلڪارا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمود لغاري ۾ جمعي ڏينهن ناٺي ھتان سھري جي قتل ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار، مقتول پنهون لغاريءَ جي ڀاءُ وڪيو لغاري جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد ڄاڻايل ٽنهي جوابدارن افتخار لغاري، اقبال لغاري ۽ رشيد لغاري کي گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح هجي ته گذريل ڏينهن 50 سالن جي پنهون لغاريءَ کي گهر جي گهٽيءَ تي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.