حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي هٽڙي واري علائقي ۾ قتل ٿيل مامي ۽ سندس ڀاڻج جي قتل جو ڪيس لغاري برادري جي ٻن ڀائرن سميت 10 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. هٽڙي ٿاڻي جي پوليس اهو ڪيس مقتول اڪبر مقتول اڪبر لغاري جي پٽ پوليس اهلڪار اسد رضا جي فرياد تي داخل ڪيو آهي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس والد اڪبر لغاري ۽ پڦاٽ غلام حيدر لغاري کي شاهه لطيف ڪالوني مڪلي جي رهواسين لغاري برادري جي ماڻهن پلاند ۾ قتل ڪيو آهي. فريادي موجب سندس والد ۽ پڦاٽ تي هالا پوليس مڪلي جي رهواسي محسن لغاري جي فرياد تي سندس ڀاءُ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ڪيس مان والد ۽ پڦاٽ سيشن ڪورٽ مٽياري مان ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي. ڪيس ٽرانسفر ڪرائڻ جي سلسلي ۾ 16 مارچ تي سندن هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي رٿيل هئي. شنوائي تان سندس والد ۽ پڦاٽ موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته مياڻي فاريسٽ ڀرسان درگاهه مست علي شاهه وٽ 125 موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ سوار مڪلي واسي محسن لغاري، سندس ڀاءُ منور لغاري، قربان لغاري، حسين حيدر لغاري والد ۽ پڦاٽ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ۽ فرار ٿيا ويا. فريادي ڪيس ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته سندس والد ۽ پڦاٽ کي لغاري جي برادري جي ماڻهن ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ ڄام ۽ هادي بخش لغاري جي چوڻ تي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا تائين واقعي ۾ ملوث ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.