ميرپورخاص ويجهو نوجوان گذريل ڇهن ڏينهن کان پراسرار نموني گم

0
181

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص ويجهو نوجوان گذريل ڇهن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي تھ ڳوٺ غازي خاصخيلي واسي40 ورهين جو منظور خاصخيلي عيد رات مال پڙي ويو پر واپس نه موٽيو، نوجوان جي وارثن کيس اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، نوجوان جي وارثن چيو تھ نوجوان جي واپسي ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.