شڪارپور:ڌاڙيلن جي مبينا سهولتڪاري ڪيس ۾ گرفتار تيغو خان تيعاڻي جي ضمانت منظور

0
370

شڪارپور (ن پ ا) ڏوھارين جي سرپرستي جي الزام ھيٺ گرفتار سردار تيغو خان تيغاڻي جي ضمانت منظور ڪئي وئي ھي، تيغو خان تيغاڻي کي 5 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، تيغو خان تيغڻي جي پنجن لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئيوئي آھي، سردار تيغو خان تيغاڻي کي 11 ڏينھن اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ضمانت لاء درخواست پڻ داخل ڪئي وئي ھئي، تيغو خان تيغاڻي گذريل ڏيڍ مھيني کان ڊسٽرڪٽ جيل حوالي ٿيل آھي، عدالت ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي جي وڪيل پاران ٻيو ڀيرو ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي ھئي، اي ٽي سي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست 11 ڏينھن بعد منظور ڪئي وئي، ڪيس جي ٻي بڌڻي 30 جولاءِ تي ڪئي ويندي.