ڪراچي/ميرپورخاص: خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري خرم شهزاد  چيف سيڪريٽري کي ميرپورخاص ۾سستو اٽو وٺڻ لاءِ آيل شهري جي چيڀاٽجي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت هلندڙ انڪوائري بابت آگاهي ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ميرپورخاص ۾ سستي اٽي جي حاصلات لاءِ شهري جي پيڙهجي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ هلي پئي، ابتدائي جاچ آڌار خوراڪ کاتي جي غفلت ورتيندڙ ڪامورن خلاف  ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته مامري جي جاچ اي ڊي سي 2  پريم چند ڪري رهيو آهي