ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۽ آسپاس جي شھرن ۽ علائقن ۾ ٻوڏ جي تباھي کان پوءِ اٽي جي مھانگائي سبب مسڪين ماڻھن جي زندگي گذارڻ عذاب بڻجي وئي آهي. ميھڙ ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ ۽ عام واهپي جي شين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا آھن ، ٻوڏ متاثر محمد عمر کوسو پنھنجي بيمار نوجوان پٽ جي بيماري جو علاج ڪرائڻ ۽ کائڻ لاء ڪجھه به نه ھجڻ کان پوءِ انتظاميه ۽ حڪمرانن کي پٽون پاراتا ڏئي لڙڪ لاڙي ويٺو. ٻوڏ متاثر پورھيت محمد عمر کوسو روئيندي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين آڏو دانھيو آھي ته ٻوڏ دوران تباھي ٿي سڀ ڪجھ لڙھي وڃڻ کان پوء وري ظالم حڪمرانن غريبن کان ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق به کسي ورتو آهي ھن چيو ته ميھڙ شھر سميت تعلقي جي مختلف علائقن ۾ اٽو 150 روپيه ڪلو کان وڌيڪ وڪرو ٿي رھيو آھي پر انتظاميه اگهور ننڊ ستل آھي ھن روئيندي وس وارن ادارن ۽ آعلي حڪام کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي واھر ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.