ميرپورخاص (رپورٽر) حيدرآباد جي بوليوارڊ مال ۽ هيرو ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪن سميت ٻين خلاف نئون ڪوٽ ٿاڻي تي فراڊ ۽ جعلي چيڪ ڪيس ۾ ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص مان 7 مئي تائين گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، فريادي سترام ميگهواڙ ۽ ڪرشن ميگهواڙ جي فرياد تي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي 8 جوابدار بوليورڊ مال لميٽيڊ ڪمپني ۽ هيرو ڪنسٽرڪشن ڪمپني حيدرآباد جي مالڪ همايون برڪت، سندس زال افشان همايون برڪت، سندس پٽ شهزاد برڪت، ارسلان معين، محمد فيصل، ماجد علي، محمد حنيف ۽ ڪشنچند خلاف جعلي چيڪ ۽ فراڊ جي قلم 489، 420 تحت نئون ڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ 6 جوابدارن مالڪ همايون برڪت، سندس زال افشان همايون برڪت، سندس پٽ شهزاد برڪت، ارسلان معين، محمد فيصل، ماجد علي سيشن ڪورٽ مان 50 هزارن جي مچلڪن عيوض 7 مئي تائين عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان گارمينٽس ڪمپني ۾ ڪم ڪندا آهيون، 2015 ۾ هيرو ڪنسٽرڪشن لميٽيڊ ڪمپني حيدرآباد (بوليورڊ لميٽيڊ) ڪمپني سان 30 لک رپيا سيڙپڪاري ڪئي، جنهن موجب ساليانه 5 لک رپيا منافعي ملندو هو، جيڪي ڪجهه سال ملندا رهيا ۽ سال 2018 ۾ اسان کي 10 لک رپيا نه مليا ۽ اسڪيم 30 نومبر 2018 ۾ مڪمل ٿي وئي، جنهن بعد اسان جي ملاقات ڪمپني جي چيئرمين همايون برڪت، ارسلام، افشان ۽ ٻين سان ٿيون، جن چيو ته توهان نئون ڪوٽ 25 لکن جا چيڪ ملندا، جيڪي اسان کي مليا، پر اهي ڪيش نه ٿيا، فريادي ڪرشن جا رقم 15 لک ۽ منافعو 10 لک سميت 25 لک ۽ سترام پاران 30 لک رپيا اصل رقم ۽ منافعي جا 10 لک ٽوٽل 40 لک روپيا جو فراڊ ڪيو ويو.