ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تازو مسلمان ٿي پرڻايل نينگري آرزو فاطمه جي مبينا مڙس علي اظهر پاران سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ ۾ شادي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 18 سالن واري شرط خلاف درخواست تي پٽيشنر جي وڪيل کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. ڪالهه علي اظهر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نينگري جي شادي لاءِ 18 سالن جو شرط شريعت موجب ناهي، شريعت موجب شادي لاءَ بالغ هئڻ آهي. ان موقعي تي عدالت چيو ته اوهان اهو معاملو شريعت ڪورٽ ۾ کڻي وڃو، هي مامرو هاءِ ڪورٽ جي حد ۾ نٿو اچي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آئين مطابق اهو معاملو وفاق جي ماتحت نٿو اچي، اهو صوبائي قانون آهي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي وڪيل جواد ڏيرو عدالت کي ٻڌايو ته صوبا به وفاق جو حصو آهن. ان موقعي تي عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪندي چيو ته اسان کي ٻڌايو ته هن درخواست کي ٻڌڻ جي هاءِ ڪورٽ يا شريعت ڪورٽ مجاز آهي؟ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.