حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار منظور علي کي بري ڪيو. جوابدار کي هلندڙ سال هوسڙي پوليس غيرقانوني اسلحو رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. جوابدار پنهنجي وڪيل امتياز عباسي معرفت پوليس ڪيس خلاف عدالت سان رجوع ڪيو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي.