سکر (بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل سکر جي جج جسٽس فهيم احمد صديقي جي عدالت مختلف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، پيپلزپارٽي ايم اين اي خورشيد شاهه خلاف پي ٽي آءِ اميدوار طاهر شاهه خورشيد شاهه جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، وفاقي وزير محمد ميان سومرو خلاف پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي 24 مئي، پيپلز پارٽي جي ايم پي اي حزب الله ٻگهيو خلاف درخواست تي ٻڌڻي 31 مئي، پيپلز پارٽي جي ايم پي اي عابد حسين ڀيو جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.