ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران 31 مئي تي ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا آهن. ڪالهه ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس ارشد حسين جي موڪل تي هجڻ سبب 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.