ميرپورخاص (رپورٽر) سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شگفته اي ڪاڪا جي ڪردارڪشي وارا ڪتاب ورھائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار امان الله سومرو کي سنڌڙي پوليس دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت 4 ڏينھن جي رمانڊ تي امان الله سومرو کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ اڳوڻي وڪيل امان الله سومرو پاران 31 پيجز تي مشتمل ڪتاب سيشن ڪورٽ ۾ ورهايو هو، جنھن تي ڪتاب جي فرنٽ پيج تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج شگفته اي ڪاڪا جي تصوير ۽ سندس خلاف نازيبا لفظ لکيل ھئا، جنھن بعد جج جي ڀاڻيجي ثاقب علي ڪاڪا جي فرياد تي امان الله سومرو خلاف دھشتگردي جي قلم 6/7 ، 351,352, 353,354 قلمن تحت ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن بعد جاچ آفيسر ايس ايچ او سنڌڙي غازي خان راڄڙ جوابدار امان الله سومرو کي گرفتار ڪري دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي 4 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،