حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جوابدار ماجد ڀٽي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جوابدار کي هفتو اڳ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ۽ مٿس ڪيس داخل ڪرڻ بعد عدالتي حڪم تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. جوابدار وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي پر عدالت سندس ضمانت لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.