حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ڪيسن مان 4 ڄڻن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، منشيات ڪيس مان هڪ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر هڪ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جوابدار صدام بروهي، عثمان ۽ عبدالله کي سندن وڪيل آغا عبدالنبي جا دليل ٻڌڻ بعد بري ڪيو. جوابدارن خلاف ٽنڊوڄام پوليس 25 فيبروري 2019ع تي 9 ڪلو چرس ۽ 200 بوتلون شراب رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.