ميروخان (ن پ ا)ميروخان ۾ ڳوٺ ميراڻي چانڊيو جي رهواسڻ 75 ورهين جي صحت خاتون زال الله ڏنو چانڊيو احتجاج ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس گهر تي چڙهائي ڪري مڙس الله ڏنو چانڊيو ، پٽن وفاق احمد، سراج احمد ، سجاد چانڊيو، ننهن سنڌيران ۽ پنج ورهين جي پوٽي غلام مصطفيٰ چانڊيو کي سبب ٻڌائڻ بنا تشدد بعد کڻي وئي آهي. ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن پوليس چڙهائي جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل ڇهن گهر ڀاتين کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.