باقراڻي (ن پ ا)  لاڙڪاڻي جي ڳوٺ شاهو ٻوراهو بروهي واسي تعليم کاتي جي نائب قاصد عرفان علي بروهي باقراڻي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته  سال 2012ع ۾ تعليم کاتي ۾ نائب قاصد جو آفر آرڊر مليو .هن چيو ته ڊي اِي او، اِي ڊي او آفيس لاڙڪاڻي توڙي ڏوڪري جي ايگريڪلچر گورنمينٽ  گرلز پرائمري اسڪول سميت ضلعي جي مخلتف اسڪولن توڙي آفيسن ۾ ڊيوٽي ڪئي 9 سال کان پگهار نه ٿي ملي، ٻارڙا توڙي ٻيا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته تعليم کاتي جا عملدار مونکي پنهنجا ذاتي ڪم وٺڻ بعد پگهارن جو ذڪر ڪرڻ تي منهنجي آءِ ڊي جو جواز ڄاڻائي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ موڪلين ٿا ، نوٽيس وٺي 9 سال جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.