ڳڙھي حسن (ن پ ا) باھو کوسو ٿاڻي جي حدڳوٺ داد محمد جکراڻي ۾ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرارتان جھيڙو ٿي پيو. لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ معشوق ملڪ ،امام الدين ملڪ ۽ مسمات زرگُل ملڪ شامل آھن. پوليس  زخمين کي ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيو. جڏھن ته زخمين ۾ معشوق ملڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيوويو.ٻئي پاسي حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ھڪ ڳوٺاڻي يعقوب ملڪ کي گرفتار ڪري  ورتو.