ٽنڊو جان محمد: اڳ اغوا ٿيل نينگري بازياب، لڄالٽ جو انڪشاف

0
285
لڄالٽ جو انڪشاف
ٽنڊو جان محمد: اڳ اغوا ٿيل نينگري بازياب، لڄالٽ جو انڪشاف!

ٽنڊوجان محمد: هفتو اڳ هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ٿيل تيرنهن سالا نينگري آسيه بلوچ بازياب ٿي وئي، نينگري سان لڄالٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نينگري جي ڀاء مولوي ارشد بلوچ جي فرياد تي ٽن جوابدارن شاهد جٽ، منور جٽ فوجي ۽ علي مير ڪاتيار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس طرفان نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ تي ابتدائي طور تي زيادتي ٿيڻ تصديق ٿي. نينگري جو عدالتي بيان نه ٿيڻ ڪري هوءَ ٻن ڏينهن کان پوليس تحويل ۾ ٿاڻي تي رکيل، سڀاڻي 9 تاريخ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو