ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ويجهو عرضي ڀٽو روڊ تي کوسا پل ڀرسان نامعلوم گاڏي سوار موٽر سائيڪل تي گهر ويندڙ نوجوان جمشير گوپانگ کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو.جنهن کي راهگير بيهوشي جي حالت ۾ پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ميروخان جي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.اطلاع ملڻ تي وارث پڻ پهتا،پوليس لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، فقير سونو گوپانگ ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته جمشير گوپانگ ميروخان شهر مان گهر جو سودو سامان وٺي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ رحميداد گوپانگ جي وانڍ وڃي رهيو ته رستي ۾ نامعلوم گاڏي سوار ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو.