ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي عملي پاران ٻئي ڏينهن به سول اسپتال، قاسم آباد تعلقي اسپتال، شاهه ڀٽائي ۽ پريٽ آباد اسپتال سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ اوپي ڊي جو بائڪاٽ ڪيو ويو. ٺٽو ۾ گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي سول اسپتال مڪلي ۾ او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪري حاجي محمد اشرف خشڪ، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  دادو سول اسپتال جي او پي ڊي بلاڪ کي تالا هڻي احتجاج ڪيو ويو.جاتي ۾ صحت کاتي جي ملازمن مقبول احمد ٿهيم جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائڪاڊ ڪري اسپتال جي گيٽ کان مين روڊ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  سيوهڻ ۾ ينگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ او پي ڊ جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو. سکر سول اسپتال غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي سينيئر فيڪلٽي ميمبرن ۽ سينئر ڊاڪٽرز سميت 10 ڄڻن خلاف معصوم غالب حسين جي اغوا واري ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ رسڪ الائونس جي بحاليءَ لاءِ 19 ڏينھن به ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل عملي طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف پاران عبدالحڪيم جاگيراڻي، قادربخش پيرزادو۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويوٻئي پاسي خيرپور جي ليڊي ولنگٽن اسپتال جي ڊاڪٽرز، نرسن ۽ ٻئي عملي پڻ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. گمس اسپتال گمبٽ جي ملازمن پاران هدايت الله عباسي، راهب علي ٻانڀڻ، همٿ اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سٽي او پي ڊي ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويو.قمبر ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري آهي.جيڪب آباد ۾ڊاڪٽر طفيل کوسو، ڊاڪٽر رشيد انصاري، يار محمد مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ايمرجنسي واري شعبي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. شھدادڪوٽ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري  اسپتال جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو.وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاء نعريبازي ڪئي وئي.باقراڻي ۾ ڊاڪٽر ساحل ابڙو ، ڊاڪٽر راج ڪمار ، صفر ٻگهيو ، سرفراز سومرو ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميروخان ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو.ٽنڊو آدم ۾ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ليڊي هيلٿ ورڪرز او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو،مسڻ وڏي جي صحت ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري الطاف حسين لغاري، عبدالطيف ڪنڀار ،عبدالجليل لغاري، محمد صديق ڪنڀار ۽ ٻين  جي اڳاوڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.