ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان ڪراچي موري ويجهو ڪراچي واھ مان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ  ڪيو ويو، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش کي ٻاهر ڪڍي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. المنظر پل ويجھو ڪراچي واھ مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪي بي فيڊر مان لاش ٻاهر ڪڊي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس وارثن جي ڳولا ڪري رهي آهي.