ميروخان (ن پ ا) ميروخان پوليس پاران ڪجھه مهينا اڳ ڳوٺ رئيس ڀنڀو خان چانڊيو ڀرسان وڳڻ واسي ٽيڪسي ڊرائيور عبدالحق چانڊيو جي قتل ڪيس ۾  گهربل 3 جوابدارن کي مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان پوليس موجب ته ڳجهي  اطلاع تي ميروخان – عرضي ڀٽو روڊ تي کوسا پل وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، مقابلي بعد جوابدارن سجاد چانڊيو، لعل بخش چانڊيو  ۽ دلبر چانڊيو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 عدد پسٽل گوليون ۽ هڪ خنجر هٿ ڪيو آهي،  پوليس موجب جوابدار ٽيڪسي ڊرائيور عبدالحق چانڊيو جي قتل سميت ٻين  سنگين ڏوهي وارداتن ۾ به گهربل هئا.