فريدآباد (ن پ ا)   فريد آباد ۾ سستو پيٽرول اسڪيم جي پيسن مان به ڪٽوتي جون شڪايتون مليون آهن . ان ڏس ۾ فريدآباد ۾ وفاقي سرڪار پاران پيٽرول ۽ ڊيزل سستو اسڪيم تحت اعلانيل رقم جي جي ورڇ واري اعلان بعد فريدآباد ۾   ڊوائيس ھولڊر ۽ ايجنٽ مافيائن پاران مستحق عورتن کان آيل رقم 2000 مان 200 کان 500 تائين ڪٽوتي ڪئي ويئي، جڏهن  ته انتظاميا پاران عورتن جي ويھڻ ۽ ٿڌي پاڻيءَ پيارڻ لاءِ ڪوبه جوڳو انتظام نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب عورتن کي سخت ڪاڙھي ۽ گرمي سبب اڀپيري بيھڻ ڪري سخت ڏکيائيون پيش آيون ھوڏانھن عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل خلاف فريدآباد جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن علي عباس چنه،بھادر تيوڻو،ميھر ڏيرو،محمد چانڊيو ۽ ٻين انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته ڪاڇي جي عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ واري ڪڌي عمل جو نوٽيس وٺي ايجٽن خلاف ڪارروائي ڪري عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي بند ڪري سينٽر ۾ عورتن کي ويھڻ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سھولتون فراهم ڪيون وڃن.