خيرپور (رپورٽر) سچل ڪالونيءَ جي رهواسڻ ناري عدالت ۾ پيش، سهري، ڏير ۽ مڙس خلاف درخواست داخل، زبردستي  لڄالٽ جا الزام. خبر موجب خيرپور جي سچل سرمست ڪالونيءَ جي رهواسڻ ناري مسمات زويه ڌيءَ گل بهار نوناري سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش ٿي پنهنجي سُهُري شاهه محمد، ڏير پوليس اهلڪار جان محمد ۽ مڙس فراز علي نوناري سميت پنجن ڄڻن خلاف درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته کيس سهري، مڙس ۽ ڏير سخت تشدد بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي. هن عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت مسمات زويه نوناري جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.