ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ميرواهه گورچاڻي جي مختلف پاڙن سومرا ڪالوني، ڀيل پاڙو، ميگهواڙ پاڙو، ڍوري پاڙو، مصطفيٰ ٽائون ۽ ٻين پاڙن ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن، نالين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب گهٽين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ورتي، ميرواهه گورچاڻي ٽائون ڪاميٽي جي ماهوار لکين رپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود ميرواهه گورچاڻي شهر گندگي جي ور چڙھيل آهي. شهر جي ٻهراڙي جي وارڊن ۾ ڪنهن به قسم جي صفائي سٿرائي جو عمل نه ٿي سگهيو. ميرواهه گورچاڻي شهر جي رهواسين ڊي سي ميرپورخاص، اسسٽنٽ ڪمشنر شجاع آباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته شهر جي صفائي سٿرائي ۽ گندگي خلاف نوٽيس وٺي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي.