ڪنڊيارو (ن پ ا)ڪنڊيارو ۾ موٽروي پوليس پاران هنڊا موٽرسائيڪل جي ڪمپني جي تعاون سان روڊ سيفٽي سيمينار ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙن ۾ هيلمينٽ، سائڊ وارا شيشا ۽ ٻيو سامان ورهائي موٽرسائيڪل هلائڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي موٽر وي سيد راشد علي شاهه، ايڊمن عجيب علي هيسباڻي، انسپيڪٽر منصور ٻگهيو خطاب ڪندي چيو ته آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر ڪليم امام، ڊي آءِ جي علي شير جکراڻي، ايس ايس پي قاسم افتخار جي هدايتن تي موٽر وي پوليس روڊ سيفٽي سيمينار ڪوٺائي ماڻهن ۾ روڊ حادثن کان بچائڻ بابت آگاهي ڏئي رهي آهي. هنن جو چوڻ هوته موٽرسائيڪل تمام خراب سواري آهي جنهن ڪري موٽرسائيڪل احتياط سان هلائي وڃي، هيلمٽ جو استعمال ڪرڻ سان اتفاقي حادثو پيش اچڻ سان ماڻهو دماغي ڌڪ کان بچي سگهي ٿو.